عشق ۽ محبت جو سفير

عشق ۽ محبت جو سفير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور قومپرست سرور سهتي جي خدمتن تي لکيل مضمونن، تاثرن تي مشتمل آهي. جنهن کي ناليواري اديب علي نواز آريسر ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل يارنهن مضمون شامل آهن، جن ۾ علي نواز ٻٽ، نواز خان زئور، مشڪور ڦلڪارو، لطيف جمال، ضراب حيدر، عبدالخالق جوڻيجو، سليم جروار، غلام رسول مڱريو، احمد شاڪر، عاشق اوڍاڻو ۽ علي نواز آريسر جا سرور سهتي جي شخصيت ۽ خدمتن تي تفصيلي مضمون ڏنل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ سرور سهتي جي لاڏاڻي تي لکيل مختلف شخصيتن جا تاثر شامل آهن. 96 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 130 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ٻن اديبن علي نواز ٻٽ ۽ صوفي حضور بخش کي ڪيل آهي.


لفظ عشق ۽ محبت جو سفيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو